رابندرناٿ لٽرري ۽ ڊرئميٽڪ ڪلب حيدرآباد ۽ ڪراچي

رابندرناٿ لٽرري ۽ ڊرئميٽڪ ڪلب حيدرآباد ۽ ڪراچي: 1923ع ۾ هيءَ ناٽڪ منڊلي خانچند درياڻيءَ جي سرپرستيءَ هيٺ هيرانند آڏواڻي،لعلچند امرڏنيمل، ڄيٺمل پرسرام، ڏيئلمل لعلواڻي ۽ منگھارام ملڪاڻيءَ جي سرجوشيءَ سان وجود ۾ آئي، حيدرآباد شاخ جو افتتاح بنگال جي عظيم شاعر رابندرناٿ ٽئگور پاڻ اچي ڪيو. هن منڊليءَ جي حيدرآباد شاخ وارا ڪائونسلر هيرانند ڀوڄراج آڏواڻي، رامچند تخترام، مولچند ليلارام سنگ ۽ وليرام آئل مل هئا، جڏهن ته ڪراچي شاخ جا ڪائونسلر خانچند درياڻي ۽ ڀڳوان رامچنداڻي هئا ۽ بعد ۾ چانڊومل واڌواڻي ۽ پهلاج سنگ آڏواڻي ٿيا. ڪلب جو مکيه ليکڪ خانچند درياڻي هو، جنهن کي انهيءَ دؤر جو حقيقت نگاري واري ناٽڪ جو پايو وجھندڙ ڪوٺيو وڃي ٿو.
هن منڊليءَ جو پهريون بهترين ناٽڪ ’ملڪ جا مدبر‘، جيڪو مشهور ناٽڪ ’پلرس آف سوسائٽيءَ‘ تان وٺي خانچند درياڻيءَ سنڌي مسلم زندگيءَ تي بيهاريو هو. هي ناٽڪ حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ ڪيتريون ئي راتيون ڪاميابيءَ سان ڏيکاريو ويو. هن ڪلب خانچند درياڻيءَ جي اصلوڪن ناٽڪن: ’رتنا‘، ’ٻليدان‘، ’زماني جي لهر‘، ’مايا جو انڌ‘ ۽ ’امانت ۾ خيانت‘ به پيش ڪيا. هن ڪلب جو ٻيو ناٽڪ نويس منگھارام ملڪاڻي هو، جنهن جا رچيل بهترين ناٽڪ ڏاڍا مشهور هئا، جن ۾ قسمت، ايڪتا جو آلاپ، کن جي خطا ۽ انارڪلي شامل آهن. ان کانسواءِ ساڳئي ليکڪ جا ٻه ننڍا ناٽڪ اولاد ۽ ليڊيز ڪلب به هن منڊليءَ پيش ڪيا هئا. هن منڊليءَ لاءِ لعلچند امر ڏنيمل ’عمر مارئي‘ ناٽڪ لکيو، جيڪو 1925ع ۾ ڏهه ٻارهن راتيون ڏيکاريو ويو. ساڳيو ناٽڪ وري 1929ع ۾ آل انڊيا خواتين ڪانفرنس جي موقعي تي ٿياسافيڪل هال ڪراچيءَ ۾ پيش ٿيو، جنهن ۾ موسيقيءَ جو هدايتڪار، سنگيت جو برک ماهر احمد غلام علي چاڳلا هو. ساڳيءَ ريت لعلچند امرڏنيمل جون ٻه ٻيون قلمي ڪاوشون سسئي پنهون ۽ سهڻي ميهار ناٽڪ به هن ڪلب پيش ڪيا هئا. ان کانسواءِ هن ڪلب لاءِ احمد غلام علي چاڳلا ’خوني‘ ۽ آغا غلام نبيءَ ’هيءَ دنيا دورنگي‘ ناٽڪ لکيا هئا. هن ڊرئمٽڪ ڪلب جا مشهور هدايتڪار ڏيئل مل لعلواڻي وڪيل، هيرانند ڀوڄراج آڏواڻي ۽ منگھارام ملڪاڻي، اسٽيج جو ماهر خانچند درياڻي، سنگيتڪار وليرام آئل مل وڪيل، ڀڳوان رامچنداڻي، چنديرام جيرامداس ۽ احمد غلام علي چاڳلا هئا.
هيءَ پهرين ڊراما ڪلب هئي، جنهن ۾ سنڌي ڇوڪريون به ناٽڪن ۾ ڪردار ادا ڪنديون هيون، جن ۾: ڪماري نين ميرچنداڻي، ڪماري پـدمـي اچـلسنگهه، ومــلا واســواڻي، تيــرٿ، هـري ۽ گـوپـي سپاهيملاڻي، مينا رامچند، موهني گل، ليلان گنگارام، وديا مکي ۽ پديم مکي قابلِ ذڪر آهن، جڏهن ته ڪلب جي مکيه اداڪارن ۾ منگھارام ملڪاڻي، ڏيئل مل لعلواڻي وڪيل، ڪشو ڀاوناڻي، همايون بيگ (مرزا قليچ بيگ جو فرزند)، وليرام آئل مل وڪيل، ڀڳوان رامچنداڻي، چندن ميرچنداڻي، سهجو واڌواڻي، وغيره شامل هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو